اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ??ه روس خطي ۽ عالمي سطح تي اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ??ابطن ۽ توانائي تعاون کي فروغ ڏيڻ سان اسان جي عوام سان گڏ??گڏ خطي کي پڻ فائدو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستا?? ۾ ??وس جي سفير ڊانيلا گاينچ الوداعي ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ روسي سفير جي اڻٿڪ تعاون کي ساراهيو. هن روسي سفير کي سندس ايندڙ ذميواري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو سدائين پاڪستان جو دوست رهندو. ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته روس، خطي ۽ عالمي سطح تي هڪ اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو هڪ اهم حصيدار آهي. نگران وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي مسلسل فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ??ابطن ۽ توانائي تعاون کي فروغ ڏيڻ جا اهم ??عب?? آهن جنهن سان اسان جي ماڻهن سان گڏ??گڏ خطي کي به فائدو ٿيندو. نگران وزيراعظم عالمي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ??عاون کي پڻ ساراهيو.