اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (??ي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀا??تي قبضي جي خلاف سڀاڻي جمعي ڏينهن ڪنٽر??ل لائين جي ٻنهي طرفن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪش??ير?? ڪارو ڏينهن ملهائيندا. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين باب لکيو ويو ان ڏينهن ڀا??تي هٿياربند فوج سمورن عالمي اصول ۽ ضابطن ۽ قانونن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندي واديءَ ڪشمير ۾ داخل ٿي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان، آزاد ڪشمير ۽ مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪش??ير?? ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني شهداءِ ڪشمير کي خراج عقيدت پيش ڪندا. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جلسا جلوس ڪڍيا ويندا جڏهن ته پاڪستاني سفارتخانن ۽ ٻين سفا??تي مشنز جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبن ۽ سيمينارز جو اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ڪش??ير??ن جي خودمختياري جي حق لاءِ بي مثال قربانين کي اجاگر ۽ ڀارت جي هٿان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي بي نقاب ڪيو ويندو. پاڪستان خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪش??ير?? عوام جي سدائين سياسي، سفا??تي ۽ اخلاقي حمايت ڪئي آهي.