اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا 76 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشمير جي حوالي سان ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو. تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جا خصوصي پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. جن ۾ ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي ڳانڍاپي ۽ حمايت کي ??جاگر ڪيو ويو. ان م??قع?? تي چين جي ناليواري اسڪالر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماهر ڪيان فينگ به خطاب ڪيو. تقريب کي ??طاب ڪندي ڊپٽي هيڊ آف مشن بلال محمود چوڌري چيو ته پاڪستان انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي جن گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قبضي تحت تمام گهڻو ظلم برداشت ڪيو آهي. هن ڪشميري عوام جي منصفاڻي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ڀارت ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. بلال محمود چوڌري عالمي برادري کان به مطالبو ڪيو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪري. سفارتخاني ان م??قع?? تي هڪ تصويري نمائش جو به اهتمام ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڀارت ??ي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڏوهن کي ڏيکاريو ويو. ياد رهي ته 76 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت ??نا ڪنهن قانوني جواز جي ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست تي زبردستي قبضو ڪيو هو، ان کانپوءِ ڀارت ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي.