بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين پا??ستان جو اسٽ??يٽ??ڪ حصيدار آهي، پا??ستان کي چين جي دوستي تي فخر آهي، چين سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهيون ٿا، بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو بهترين ذريعو آهي. چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دنيا جي ڪا طاقت پا??ستان چين لاڳاپن ۾ ڏار نه ٿي وجهي سگهي. چين پا??ستان جو اسٽ??يٽ??ڪ حصيدار آهي، شي جن پنگ جي ويزنري قيادت ۾ پا??ستان جي لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ گهرائڻ تي چيني قيادت جا ٿورائتا آه??ون?? چين جي ترقي سڀني جي لاءِ بهترين مثال آهي، چيني صدر جي گذريل ڏينهن جي تقرير ان جي عظيم ويزن جي عڪاس هئي. هن چيو ته پوري دنيا کي تمام گهڻا چئلينجز درپيش آهن. ان موقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته چين پا??ستان سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهي ٿو، سي پيڪ پا??ستان ۽ چين جي مضبوط لاڳاپن جو عڪاس آهي.