راولپنڊي-22 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سي?? عاصم منير سان سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي اعليٰ اختياراتي فوجي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ملاقات دوران ڌرين دف??ع ۽ سلامتي جي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. ان کان اڳ وفد جوائنٽ اسٽاف هيڊڪوارٽرز ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان به ملاقات ڪئي.