اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته چين هڪ اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست آهي، پاڪستان چين سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان عوامي جمهوريه چين جي ??امزد سفير چيانگ زي دنگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن کيس ايوان صدر ۾ پنهنجُون سفارتي سندُون پيش ڪيُون. صدر کي وينزويلا ۽ ڪولمبيا جي (غيررهائشي) سفيرن پڻ سفارتڪاري سندون پيش ڪيون ۽ ساڻس جدا جدا ملاقات ??ئي. پاڪستان ۾ چين جي ??امزد سفير چيانگ زي دنگ جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، چين سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، پاڪستان سمورن بنيادي معا??لن تي چين جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، منصوبي سان پاڪستان جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائن، صلاحي وڌائڻ ۽ پائيدار توانائي جي ??راهمي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي آهي. صدر چيو ته پاڪستان سي پيڪ تحت سمورن منصوبن جي ??قت تي تڪميل جي ??اءِ پرعزم آهي، هن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي اصولي موقف جي اڻٿڪ حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان وينزويلا جي ??امزد سفير هوزي رافيل سلوا اپونٽي پڻ ملاقات ??ئي. پاڪستان وينزويلا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ تي خص??صي زور ڏي ٿو. صدر چيو ته وينزويلا جا سيڙپڪار پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر سان ڪولمبيا جي ??امزد سفير جوليو اينيبل ريانو ويلانڊيا پڻ ملاقات ??ئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪولمبيا سان اقتصادي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي ??قرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سفير پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ??اءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.