اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)مشهور فنڪار، فلم پروڊيوسر ۽ هدايتڪار ج??ال شاهه نگران حڪومت ۾ وفاقي وزير طور حلف کڻڻ کانپوءِ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ وزارت جي سيڪريٽري فارينه مظهر ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي ٻين آفيسرن سان ملاقات ڪئي. وفاقي سيڪريٽري وفاقي وزير ج??ال شاهه ??ي تعارفي بريفنگ ڏني ۽ کيس هيريٽيج اينڊ ??لچر ڊويزن جي ڪم جي باري ۾ آگاهه ??يو. آفيسرن کي خطاب ۾ وفاقي وزير چيو ته هو ملڪ ۾ ثقافت ۽ فنڪار برادري جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندو. ج??ال شاهه ??يو ته هن ان عهدي کي هڪ چئلينج طور قبول ڪيو آهي ۽ هو پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ شوق سان نڀائيندو.