اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي ??ملو پاڪستان جي جمهوريت تي ??ملو آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر ويو ۽ خا??، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن حملي تي ??اڻس تعزيت ڪئي. وزيراعظم چ??و ته ان افسوسناڪ واقعي تي پوري قوم ڏکويل آهي، جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي ??ملو پاڪستان جي جمهوريت تي ??ملو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چ??و ته هن زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، مولانا اسعد محمود، خرم دستگير خان، سردار اسرار ترين، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عبدالاڪبر چترالي پڻ موجود هئا.