اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۽ نيول هيڊڪوارٽرز جي وچ ۾ سالياني اسٽاف ڳالهه ٻولهه پرڏيهي آفيس ۾ ٿي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) وائيس ايڊمرل اويس اي بلگرامي ڳالهه ٻولهه ۾ لاڳا??يل ڌرين جي قيادت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ميري ??ائ??م افيئرز جي وزارت پڻ شرڪت ??ئي. ملاقات پاڪستان جي سامونڊي مفادن بشمول ميري ??ائ??م سيڪيورٽي، بليو اڪانومي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، ماحولياتي ??حفظ ۽ موسمياتي ??بديلي جي ضرورتن بابت هڪ ٺوس جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. بيان موجب سامونڊي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمز ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ مختلف شعبن ۾ عالمي تعاون ۽ صلاحيت وڌائڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي شرڪت ??ندڙن پاڪستان جي سامونڊي مفاد مڪمل طور تي ??اصل ڪرڻ جي لاءِ ميري ??ائ??م ڊومين ۾ سمورين لاڳا??يل ڌرين جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس قومي ميري ??ائ??م پاليسي فريم ورڪ کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي ??تفاق ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان جي سامونڊي ۽ بليو اڪانومي جي صلاحيتن جي ادراڪ ۽ سامونڊي ڊومين ۾ موثر عالمي حصيداري کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ فعال ملڪي ماحولياتي نظام کي تيار ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. شرڪت ??ندڙن ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ هم آهنگي کي گهرو ڪرڻ ۽ لاڳا??يل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو.