اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي مرڪزي ڪئمپس ۽ چشما – 5 نيوڪليئر پاور پ??ان?? جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب اهو ڪئمپس تعمير کانپوءِ پاڪستان ۾ ٽيڪنيڪل ۽ صنعتي تعليم جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن وقت نيوٽيڪ يونيورسٽي تحت جديد علم ۾ 7 گريجوئيٽ پروگرام ڪرايا پيا وڃن. هلندڙ سال يونيورسٽي وڌيڪ گريجوئيٽ ۽ ماسٽرز پروگرامز جي شروعات ڪندي. وزيراعظم اڄ يوٿ سنگل ڊيولپمينٽ پروگرام جي به شروعات ڪندو. پروگرام تحت پاڪستان جي نوجوانن کي عالمي سطح تي افرادي قوت کي مقابلي جي لاءِ تيار ڪي?? ويندو. ان ??قصد جي لاءِ انهن کي صنعتن جي گهرج موجب جديد هنر سيکاريا ويندا. اين اي وي ٽي ٽي سي پنهنجي مقامي ۽ عالمي حصيدارن جي تعاون سان 2023ع کان 2027ع تائين 19.33 ارب رپين جي لاڳت سان 2 لک 84 هزار کان ??ڌيڪ نوجوانن کي جديد چٽاڀيٽي هنر ۾ پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪندي. اهو پروگرام نوجوانن کي نه رڳو مقامي پر عالمي سطح تي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم ان ??وقعي ت?? تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ چشما – 5 نيوڪليئر پاور پ??ان?? جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دلچسپي ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ چشما نيوڪليئر پاور پ??ان?? يونٽ 5 جي نه رڳو لاڳت ۾ گهٽتائي آندي وئي پر ان جي سگهه کي 1100 ميگاواٽ مان ??ڌائي 1200 ميگاواٽ ڪي?? ويو آهي. چشما – 5 جنهن جي معاهدي ت?? 2017ع ۾ صحيحون ٿيون، گذريل 5 سالن کان التوا جو شڪار رهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملڪ ۾ گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي جي ويزن تحت ان ??نصوبي ت?? ڪم کي ٻيهر شروع ڪي?? پيو وڃي. وزيراعظم ان ??وقعي ت?? تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.