اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشي بحالي جي قومي منصوبن کي سمورين ڌرين جي ??مايت حاصل آهي، روانگي واپار ۽ سي??پڪاري ۾ اضافي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي ره??ا آهيون، آءِ ٽي روانگي واپار کي 20 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا، آءِ ٽي جي ??عبي ۾ روانگي واپار جي فروغ لاءِنوجوانن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، سي??پڪارن کي ون ونڊو تحت سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) سيمينار ۽ آءِ ٽي منصوبا جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ جا ذهين نوجوان باهمت ۽ محنتي آهن، انهن نوجوانن فري لانسر، اسٽارٽ اپس سميت ٻئي ڪاروبار جي ??ريعي ترقي ڪئي، اسان جي ملڪ جي 60 سي??ڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان جا نوجوان مختلف شعبن ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي ره??ا آهن، انهن ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ ۽ مهارتون آهن، اهي سهولتن جي ??دم فراهمي، طريقيڪار ۾ مشڪلاتن ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت جي ??دارن جي کوٽ جي ??اوجود بهترين پيشيواراڻي خدمتون سرانجام ڏئي ره??ا آهن. هن چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ دنيا جي ??يزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، نوجوانن کي سهولتون جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي ??عبي ۾ 20 ارب ڊالر روانگي واپار جي ??لاحيت آهي، اسان مشڪل صورتحال جي ??اوجود نوجوانن جي محنت ۽ مهارت سان هر مقصد حاصل ڪنداسين، منهنجو سي??پڪار منهنجو ماسٽر آهي. هن چيو ته معاشي منصوبن تي عملدرآمد سان ملڪ کي خوشحال بڻائينداسين، اسان ايس آئي ايف سي جي ??ريعي اڳتي وڌڻ جو رخ تعين ڪري ڇڏيو آهي، ان حڪمت عملي ۾ وفاقي حڪومت ۽ سموريون صوبائي حڪومتون شامل آهن، ان منصوبي تحت زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ دفاعي پروڊڪشن جي ??عبن تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏنو ويندو. هن چيو ته سي??پڪارن کي ون ونڊو آپريشن جي ??ريعي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ڪنهن به صورت ۾ ان ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته نار ملڪ پاڪستان ۾ سي??پڪاري جا خواهشمند آهن، جيڪڏهن اهي هتي سي??پڪاري ڪندا ته انهن کي منافعو ملندو، پاڪستان ۾ پيداوار ۾ اضافو، نوڪرين ۽ روانگي واپار کي فروغ ملندو، مون کي ان ماڊل تي اعتماد آهي. هن چيو ته پاڪستان جلد قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو، اڻٿڪ محنت سان ان کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، ان فريم ورڪ تحت ڪاروباري ماڻهن جي مشڪلاتن جو ازالو ڪيو ويندو، سبز انقلاب سان ملڪ ۾ انقلاب ايندو، اسان متحد ٿي اڳتي وڌنداسين ۽ تاريخ بدلائينداسين، نوجوانن ۽ سي??پڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، گذريل چار سال دوران سوشل ميڊيا جي ??ريعي الزام بازي ڪري وقت ضايع ڪيو ويو، اسان کي ماضي کي وساري ڪاميابي جي لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو ڇو ته هي اسان جي لاءِ سنهري موقعو آهي. سيمينار ۾ وزيراعظم شهباز شريف خاص مهمان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان جي ??يثيت سان شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن، ناڻي، دفاع، دفاعي پيداوار، سي??پڪاري بورڊ، پرڏيهي معاملن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن، اطلاعات ۽ نشريات وارن وزيرن جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزيرن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين، آءِ ٽي ماهرن، سينيئر آرمي ۽ سول آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ نار ملڪن، چين ۽ يورپي يونين مان سي??پڪار ۽ پرڏيهي سفارتڪار به شريڪ ٿيا. خصوصي سي??پڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪرڻ کانپوءِ نيشنل آءِ ٽي سيمينار آءِ ٽي سي??ٽر جي ??رقي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ ج?? گڏيل مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. اهو سيمينار سمورين ڌرين جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪندو. مقامي ۽ غيرملڪي آءِ ٽي ڪمپنين ۽ تعليمي ادارن جي ماهرن ايس آئي ايف سي پليٽ فارم جي ??ريعي ڪوششن ک?? گڏ ڪري آءِ ٽي جي ??عبي ۾ انقلاب آڻڻ جي لاءِ حڪومت جي پرخلوص تعاون کي ساراهيو. شرڪت ڪندڙن ان اهم شعبي تي ڌيان ڏيندي قومي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ سول ۽ عسڪري ماهرن جي ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي کي متحرڪ آمدني پيدا ڪرڻ ۽ فروغ پذير صنعت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي ??مايت جو اعلان ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي وڏي آءِ ٽي ڪمپنين پاران هنيل بوٿس جو دورو پڻ ڪيو. وزيراعظم ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان، ٽيڪ لفٽ بوٽ ڪئمپ، فرسٽ نالج پارڪ فار وومين باغ (آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ايگري ٽيڪ انڪيوبيٽر فيصل آباد ۽ سينٽر آف ايڪسيلنس ان گيمنگ اينڊ ايني ميشن جو افتتاح ڪيو.