اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي عيدالاضحيٰ جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي الله تعاليٰ سان اطاعت ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي تسليم ۽ رضا جو شاندار مثال ۽ يادگار آهي جنهن اطاعت ۽ قرباني جي هڪ اهڙي لازوال روايت قائم ڪئي جنهن جي پيروي قيامت تائين ??اري رهندي، قرباني جو اهو جذبو هڪ عالمي حيثيت رکندڙ آهي، دنيا ۾ ڪا به قوم ان وقت تائين ??رقي نه ٿي ڪري سگهي جيستائين ??ن ۾ ايثار ۽ قرباني جو جذبو موجود نه هجي. پنهنجي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته اسان کي پنهنجي سمورن مفادن، ترجيحن ۽ تعصب کي پٺتي رکندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ گڏيل ڀلائي جي لاءِ گ??جي ڪم ڪرڻو پوندو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي سمورين ??ياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گ??جي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪريون، هي ملڪ لازوال قربانين ۽ بي پناهه صبر ۽ تحمل ۽ استحڪام جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اسان سڀني کي گ??جي ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ جان ٿيڻ گهرجي. وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي چيو ته عيدالاضحيٰ ج??ن ??وشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي انهن ڀينرن ڀائرن جو پڻ خاص طور تي خيال رکڻ گهرجي جيڪي حالتن جي ڏاڍ جو شڪار ٿي معاشي طور تي پٺتي رهجي ويا هجن، عيد ج??ن ??وشيون ملهائيندي اسان کي پنهنجي ڀرپاسي پڻ نظر رکڻي آهي ته جيئن اسان جو ڪو پاڙيسري ان مقدس موقعي جي خوشين کان محروم نه رهجي وڃي، اڄ جي ڏينهن اسان کي ملڪ جي انهن معمارن، شهيدن ۽ محافظن کي پڻ ياد رکڻو آهي جن ملڪ جي حفاظت، تعمير ۽ ترقي ۽ سربلندي جهڙي عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجي جانين ??ائين قربان ڪري ڇڏيون. آئ??ن ??لله تعاليٰ کان دعاڳو آهيان ته هو اسان کي عيدالاضحيٰ ج??ن ??قيقي خوشيون نصيب فرمائي ۽ اسان جي قرباني کي شرف قبولي?? بخشي ۽ اسان کي ان عظيم عبادت کي ان جي روح موجب سمجهي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.