اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي اي?? ڊي پي) تحت اسٽيبلشمين?? ڊويزن جي 8 اسڪيمن جي لاءِ 840 ملين رپيا رکيا ويا آهن، ان??ن ۾ 5 جاري ۽ 3 نيون اسڪيمون شامل آهن. جاري پي اي?? ڊي پي موجب اسٽيبلشمين?? ڊويزن جي جاري اسڪيمن جي لاءِ 619.395 ملين رپيا رکيا ويا آهن، ان??ن اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 1406.757 ملين رپيا لڳايو ويو جنهن مان 30 جون 2023ع تائين 792.761 ملين رپين جي خرچن جو اندازو لڳايو ويو آهي. ان ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران امتحان منعقد ڪرڻ جي لاءِ ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ، سول سورسز اڪيڊمي والٽن لاهور ۾ بولان هاسٽل جي ٻئي فلور جي تعمير، سارڪ بلڊنگ اسلام آباد ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ جو قيام، اين اي?? پي پي لاهور جي اداراجاتي استحڪام ۽ ٽريننگ ۽ ريسرچ فنڪشنز جو فروغ ۽ سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس آفيسرز جي تربيتي سرگرمين جي فروغ جون اسڪيمون شامل آهن جن جي لاءِ ترتيبوار 35.64 ملين رپيا، 8 ملين رپيا، 59.8 ملين رپيا، 403.48 ملين رپيا، 112.43 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اسٽيبلشمين?? ڊويزن جي نئين اسڪيمن ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ ۾ اڪيڊمڪ بلاڪس جي اپ گريڊيشن ۽ سيڪيورٽي قدمن، اين سي آر ڊي ڪمپليڪس (فيز – 3) چڪ شهزاد اسلام آباد جي اپ گريڊيشن ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ پشاور ۾ آڊيٽ??ري?? جي تعمير شامل آهي جن جي لاءِ ترتيبوار 64.6 ملين رپيا، 35.99 ملين رپيا ۽ 120 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان??ن نئين اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 309.72 ملين رپيا لڳايو ويو آهي.