ڪوئيٽا – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بل??چستان ۾ 19 سالن کانپوءِ قومي رانديون منعقد ٿيڻ خوش آئنده قدم آهي جيڪو ان ڳالهه جي دليل آهي ته بل??چستان هڪ پرامن صوبو آهي جتي صحتمنداڻي سرگرمين جو منعقد ٿيڻ ممڪن آهي، منظم انداز ۾ قومي سطح تي انهن راندين جي منعقد ٿيڻ تي منتظمين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي وا??ي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بل??چستان جو گورنر عبدالولي خان ڪاڪڙ، راندين ۽ ثقافت وا??و صوبائي وزير عبدالخالق هزاره، چيف سيڪريٽري بل??چستان عبدالعزيز عقيلي پڻ موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي ذاتي پئسن سان 1948ع ۾ جيڪا ٽرافي خريد ڪئي هئي اها اڄ به بل??چستان ۾ موجود آهي ۽ قائداعظم جي بل??چستان ۽ راندين سان محبت جو مظهر آهي. قائداعظم محمد علي جناح ۽ محترمه فاطمه جناح نوجوانن جي مثبت رخ ۾ ترقي تي خاص ڌيان ڏيندا هئا ۽ اڄ به اسان کي انهن عظيم شخصيتن جي رستي تي گامزن رهڻ جي ضرورت آهي. ڪوئيٽا ۾ نيشنل گيمز منعقد ڪرڻ سان پوري دنيا تي وا??ح ٿيو ته بل??چستان هڪ پرامن ۽ محفوظ صوبو آهي، موجوده ۽ اڳوڻي حڪومتن بل??چستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون جيڪي ڪارائتيون ثابت ٿيون، هي صوبو بنا ڪنهن شڪ جي زرخيز ۽ معدني دولت سان مالامال خطو آهي جيڪو پوري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته بل??چستان ۽ پاڪستان جي نئين سر تعمير توهان نوجوانن جي هٿن ۾ آهي، اڄ جي محنت سڀاڻي جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن موجب ترقي جا هدف اتحاد جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اهو وا??ح آهي ته ڪا به طاقت بل??چستان ۽ پاڪستان کي ترقي ڪرڻ کان نه ٿي روڪي سگهي. صدر سمورن رانديگرن، منتظمين ۽ پوليس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته بهترين ۽ منظم انداز ۾ قومي سطح جون رانديون منعقد ڪرڻ هڪ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي وا??ي تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامياب ٽيمن سان گڏوگڏ بل??چستان جي راندين ۽ ثقافت وا??ي وزير عبدالخالق هزاره، چيف سيڪريٽري بل??چستان عبدالعزيز عقيلي، سيڪريٽري اسپورٽس محمد اسحاق جمالي، بل??چستان پوليس جي نمائندي کي شيلڊ پيش ڪئي. تقريب ۾ بل??چي چاپ سميت رنگارنگ پروگرام پڻ پيش ڪيا ويا.