اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه جمهوري عمل جو حصو آهي، ??نهي سان جمهوريت مستحڪم ٿئي ٿي جڏهن ته سياستدانن جي آڙ ۾ رياست جي علامتن تي حملي آور ٿيندڙن جو انهن جي پرتشدد ڪارواين تي احتسا?? ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هڪ ميز تي ويهي ??تف??ق راءِ سان سياسي ۽ آئيني اڳڀرائي ممڪن ٿئي ٿي جڏهن ته سياستدانن جي روپ ۾ انتشار پسند ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪرائيندڙ ڳالهه ٻولهه جا اهل نه آهن. اهڙا عنصر رياست جي علامتن تي حملو ڪن ٿا، اهڙن عنصرن جي پرتشدد ڪاررواين جو احتسا?? ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ترقي يافته جمهوريتن ۾ به اهڙن عنصرن جو احتساب ڪيو وڃي ٿو.