اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خات??ي واري محتسب ??ي حڪم جي خلاف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي ??ائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد ڪندي هراسمينٽ ڪيس ۾ عورت کي جبري رٽائرڊ ڪرڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو. پائيڊ جي عورت ملازمه وائيس چانسلر ۽ پرو وائيس چانسلر تي هراسمينٽ جو الزام هنيو هو. صدر پنهنجي ??يصلي ۾ قرار ڏنو ته پائيڊ شڪايت ڪندڙ عورت کي زوري رٽائر ڪري هراسمينٽ ايڪٽ جي روح جي خلاف ورزي ڪئي، هراسمينٽ جي ??عاملي جي انڪوائري جي ڪارروائي هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب ??ڏو ٻڌڻي هيٺ آهي، هراسمينٽ جي خاتمي ايڪٽ 2010ع تحت انڪوائري دوران شڪايت ڪندڙ يا گواهن جي خلاف ڪا سخت ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي. صدر چيو ته پائيڊ ايڪٽ جي روح جي خلاف ورزي ڪندي شڪايت ڪندڙ کي رٽائرڊ ڪيو. صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب ??ي حڪم جي خلاف پائيڊ جي ??ائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر پاران جاري تفصيل موجب پائيڊ جي ??ڪ عورت ريسرچ اڪانومسٽ (شڪايت ڪندڙ) هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب وٽ هراسمينٽ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي. محتسب ??نڪوائري شروع ڪئي پر معاملو ٻڌڻي هيٺ هجڻ دوران ئي شڪايت ڪندڙن کي نوڪري مان رٽائر ڪيو ويو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب پائيڊ جي حڪم کي ڪيس جي خاتمي تائين معطل ڪري عورت کي بحال ڪري ڇڏيو هو. جوابدارن محتسب ??ي فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي، جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي ??يصلي ۾ قرار ڏنو ته محتسب ??جا طور تي پائيڊ جي ??وٽيفڪيشن کي معطل ڪيو. پائيڊ جي درخواست ۾ وزن نه آهي ۽ اها ميرٽ تي ٻڌل نه آهي ان لاءِ رد ڪئي ??ڃي ٿي.