اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر يورپي يونين جي گادي وارن شهرن ۾ پاڪس??ان جي سفيرن سان مائيگريشن ۽ موبلٽي تي هڪ اجلاس ??ي صدارت ڪئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڌريون شريڪ هيون. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ غيرقانوني لڏپلاڻ کي روڪيندي يورپي ملڪن کي ليبر جي برآمد کي وڌائڻ جي ڪوششن تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ خطي جي مخصوص ضرو??تن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مها??تن جي ترقي ۾ سيڙپڪاري تي به زور ڏنو ويو.