دوحه – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن جي خوشحالي جا قدم دوحه پلان آف ايڪشن تي عملدرآمد جي ل??ءِ پرعزم آهي، اسرندڙ ملڪن جي عوام جي ترقي ل??ءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا، اسرندڙ ملڪن جي ل??ءِ قرض جي شرطن کي آسان بڻايو وڃي، عوام کي سماجي تحفظ جي ف??اه??ي ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين آسان پهچ يقيني بڻائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي قطر پاران ان ڪانفرنس جي انعقاد کي سا??اه??و. هن چيو ته عالمي سطح تي خوشحالي جي ل??ءِ ترقي يافته م??ڪ نجي ??عب?? ۽ سول سوسائٽي جي گهٽ ترقي يافته م??ڪن سان حصيداري نمايان آهي، جتي عالمي مدد جي وڌيڪ ضرورت آهي، اتي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ موقعا ڳولڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن ۾ صحت، تعليم ۽ سماجي تحفظ جي ??عب?? ۾ وڏي سيڙپڪاري ۽ ايجنڊا 2030ع تي عملدرآمد ۽ پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ وسيلن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي ڪري خطرا درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ پراڻا خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن جي پائيدار ترقي جي ل??ءِ ڪانفرنس جو انعقاد وقت سر آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. اسان کي گڏجي اسرندڙ ملڪن جي عوام جي ترقي جي ل??ءِ قدم کڻڻا پوندا. سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي وڏي انگ کي غربت ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ل??ءِ ان فورم جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. پاڪستان ان فورم سميت سڀني اهم فورمز تي اسرندڙ ملڪن جي آواز کي اجاگر ڪندو رهندو. هن اسرندڙ ملڪن جي ل??ءِ ويڪسين جي ف??اه??ي کي تسلسل سان يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسرندڙ ملڪن کي تمام وڌيڪ بار کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جيڪو تمام ڳڻتي جوڳو آهي. هن تجويز ڏني ته اسرندڙ ملڪن جي ل??ءِ قرض جي شرطن کي آسان بڻائڻ گهرجي ۽ عوام کي سماجي تحفظ جي ف??اه??ي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن اسرندڙ ملڪن جي جديد ٽيڪنالاجي تائين پهچ آسان بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ علم ترقي ۾اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دوحه پروگرام آف ايڪشن 2031ع کي سا??اه??ندي چيو ته پاڪستان دوحه پروگرام آف ايڪشن کي لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ ان سلسلي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته ان پروگرام جا هدف حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن فيفا مقابلا منعقد ڪرڻ کانپوءِ ڪانفرنس جي شاندار انتظامن تي قطر جي امير کي مبارڪباد ڏني.