اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نيشنل ٽرانسميشن ڊسٽري بيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، ٿر – مٽياري ٽرانسميشن لائين منصوبي کي وقت سر مڪمل نه ڪرڻ جي مرتڪب آفيسرن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، سرڪاري عمارتن کي سولر تي منتقل ڪرڻجي منصوبي جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي فراهمي ۽ پاور سيڪٽر جي مختلف منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي هلندڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي متوقع طلب ۽ فراهمي ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته حڪومت سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ منصوبي کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻ??يو ويندو، مقامي سطح تي سولر پينلز جي تياري بابت تجويز ڪيل پاليسي ايندڙ هفتي ڪابينا اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيئ ويندي، اهڙي طرح اليڪٽرڪ بائيڪس جي مقامي سطح تي تياري جي حوايل ??ان پاليسي پڻ حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن جي لاءِ سمور??ن ڌرين سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. اجلاس کي گئس جي بچت جي حوالي سان وز??را??ظم جي حڪمن جي روشني ۾ گيزرز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي عمل بابت آگاهه ڪندي ٻڌ??يو ويو ته اهو منصوبو مقرر هدف کان هڪ مهينو اڳ ئي مڪمل ڪيو ويو آهي. اجلاس کي بجلي جي وڌيڪ کپت وارن پنکن ۽ بلب جي حوالي سان ٻڌ??يو ويو ته سڄي ملڪ ۾ ڪارخانن ۾ انهن جي تياري هلندڙ سال 30 جون کانپوءِ مڪمل طور تي بند ڪئي ويندي، ان حوالي سان لاڳاپيل ??نعتن کي آگاهه ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ڪابينا جي 3 جنوري 2023ع جي بجلي بچت پلان تي عملدرآمد کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وز??را??ظم سمورن صوبن کي انهن قدمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪندڙ عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته توانائي جي بچت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نه رڳو ميڊيا جي ذريعي هڪ منظم آگاهي مهم هلائي وڃي پر اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعليمي نصاب ۾ ان حوالي سان مواد شامل ڪيو وڃي. اجلاس کي زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته ان حوالي سان سمور??ن ڌرين سان مشاورت ڪرڻ سان گڏوگڏ تازو ئي قومي سطح تي آگاهي سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، خرم دستگير، مريم اورنگزيب، چوڌري سالڪ حسين، سيد مرتضيٰ محمود، احسان الرحمان مزاري، وز??را??ظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، محمد هاشم نوتيزئي، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل ??عليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.