ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ ن??يا?? بن مبارڪ الن??يا?? ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کيس پاڪستان ۾ توان??ئي?? ايوي ايشن ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ ن??يا?? بن مبارڪ الن??يا?? سان ملاقات ڪئي. شيخ ن??يا?? وزيراعظم کي سڄي دنيا ۾ رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي قدرن جي فروغ لاءِ ان جي حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. شيخ ن??يا?? بن مبارڪ پاڪستاني ڪميونٽي جي لڳاءُ ۽ محنت کي ساراهيو جيڪي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا اهن. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي ساراهيندي گڏيل عرب امارات سان واپار، سيڙپڪاري، توان??ئي?? ثقافت ۽ سياحت سميت سمورن شعبن ۾ موجوده ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم شيخ ن??يا?? جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجي ڪاروبار بابت سيڙپڪاري ۾ پاڪستاني عوام تي اعتماد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم کيس توان??ئي?? ه??اب??زي ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن کي ساراهيو.