اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ٽيليفون تي گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم قطر جي امير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ گڏيل قومن س??ن گڏيل ميزباني ۾ پاڪستان بابت موسمياتي تبديلي جي اثرن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس ??ار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ قطر ??ار??ن فراهم ڪئي ويندڙ ??مداد تي قطر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن س??ن ٿيندڙ نقصان س??ن بحالي ۽ نئين س?? تعمير جو تمام وڏو چئلينجز درپيش آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي محدود وسيلن کي ممڪن حد تائين استعمال ڪيو آهي، متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين س?? تعمير جي مشڪل چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ مستقبل ۾ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ مسلسل عالمي حمايت ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي. وزيراعظم قطر جي امير کي فٽ بال ورلڊ ڪپ جي ڪامياب ميزباني تي مبارڪباد ڏني جنهن راندين جي عالمي مقابلن جي لاءِ هڪ نئون معيار قائم ڪيو. وزيراعظم ۽ قطر جي امير گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي پڻ مختصر خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.