اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو آهي ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي، ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿيار??ند فوج جي بي مثال قربانين جي ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هو سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ سي ٽي ڊي بنون آپريشن ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهائي رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد ش??باز شريف ڪالهه خميس ڏينهن سي ايم ايڇ راولپنڊي سي ٽي ڊي ڪمپليڪس بنون آپريشن دوران زخمي ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي عيادت ڪئي، وزيراعظم آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فوجين جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چ??و ته شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين پاڪستان جي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چ??و ته اسان پرامن ۽ مستحڪم ماحول حاصل ڪرڻ تائين هر قسم جي دهشتگردن، انهن جي حامين ۽ همدردن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چ??و ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ بهادر هٿيار??ند فوج جي بي مثال قربانين جي ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.