اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي مواصلات، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لا??يو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت سيڙپڪار دو??ت پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي، غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙڪاري جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن مصر جي ناليواري ڪاروباري شخصيت نجيب ساويرس جي قيادت هيٺ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ??ئي. وزيراعظم شهباز شريف نجيب ساويرس ۽ سندس وفد کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان سيڙپڪار دو??ت پاليسيز تي عمل ڪري ره??و آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت ٻاهرئين سيڙپڪارن کي سموريون فراهم ڪندي. پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لا??يو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن سان ٻاهريون سيڙپڪار ڪمپنيون فائدو کڻي سگهن ٿيون. نجيب ساويرس چيو ته انهن جو بزنس گروپ پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ ڪامياب سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. هن پاڪستان ۾ وڌيڪ شعبن ۾ خاص طور تي کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.