شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف 7 ۽ 8 نومبر 2022ع تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪلائميٽ ايمپلي مينٽيشن سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران ??زي??اعظم ڪيترين ئي اعليٰ سطح جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. مختلف ليڊرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون جڏهن ته پنهنجي هم منصبن سان ۽ عالمي ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ??زي??اعظم سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زي?? حنا رباني کر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري ??زي?? شيري رحمان، ??زي??اعظم جا خاص معاونين سيد فهد حسين ۽ سيد طارق فاطمي پڻ شامل هئا. ماحولياتي تبديلين بابت سربراهه اجلاس ۾ ??زي??اعظم ناروي جي ??زي??اعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪئي. ??زي??اعظم سعودي عرب جي ولي عهد ۽ پنهنجي ميزباني ۾ منعقد مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو ۾ پڻ شرڪت ڪئي. هو ماحوليات بابت ”نقصانن ۽ زيان تي قدم ۽ تعاون کي وڌائڻ ۽ ماحولياتي خطرن جي حوالي سان عالمي ڍال“ جي موضوع تي هڪ اعليٰ سطح جي بريڪ فاسٽ تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن جي جرمني جي چانسلر ۽ گهانا ??ي صدر گڏيل ميزباني ڪئي. ??زي??اعظم سمٽ ۾ قومي بيان پڻ ڏنو. ??زي??اعظم پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جيڪو ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ خاص طور تي تازي موسمياتي ٻوڏ تي ڌيان ڇڪرائيندي قومي موقف مضبوطي سان پيش ڪيو ۽ عالمي اڳواڻن کي ماحوليات جي حوالي سان پاڪستان جي پائيدار انداز ۾ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ تعاون جي دعوت ڏني. ماحولياتي ڪنوينشن جي جوڙيل اصولن جي رهنمائي ۾ فوري طور تي ماحولياتي قدمن جي لاءِ عالمي تعاون تي زور ڏيندي ??زي??اعظم چيو ته ماحولياتي ڪانفرنس جا ٺوس نتيجا نڪرڻ گهرجن ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا وڃن. ڪانفرنس جي حوالي سان پاڪستان جي ترجيحن تي روشني وجهندي ??زي??اعظم اسرندڙ ملڪن ۾ موافقت رکندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار ۽ متوقع مالي وسيلن جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن موسميات سان پيدا ٿيندڙ نقصانن ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فنانسنگ جي سهولت تي زور ڏنو ۽ ڪوپ ايجنڊا تحت ??قصانن ۽ زيان جي روڪٿام جي لاءِ فنڊنگ جي انتظامن تي باضابطا طور تي معاهدي جي آجيان ڪئي جيڪو هڪ اهم مقصد آهي جنهن تي پاڪستان گروپ 77 جي چيئرمين طور عمل ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي ??زي??اعظم عالمي اڳواڻن سان رسمي ۽ غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ۾ سعودي عرب ولي عهد ۽ ??زي??اعظم، جرمن چانسلر، مصري صدر ۽ ناروي جا ??زي??اعظم شامل هئا. انهن ملاقاتن دوران ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??زي??اعظم ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ڪوپ – 27 ۾ پاڪستان جي ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهي جي لاءِ پاڪستان پويلين ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ڪوپ – 27 جي باقاعده سرگرمي 18 نومبر 2022ع تائين جاري رهندي. گروپ 77 ??ي صدارت ڪندڙ جي حيثيت سان پاڪستان موسمياتي تبديلي بشمول ماحولياتي فنانس، موافقت، خاتمي ۽ صلاحيت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ۾ اسرندڙ ملڪن جي قيادت ڪري رهيو آهي.