اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 28 آڪٽوبر تي ڊيره اسماعيل خان ۾ حملي ۾ شهيد ٿين??ڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد اسرار ۽ نائيڪ س??جد حسين جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن قوم خاطر جانين جا نذرا??ا پيش ??ندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ??يو. هن چيو ته وطن جي تحفظ لاءِ قرباني تي قوم پنهنجي شهيدن جي احسانمند رهندي. صدر شهيدن جي خدمتن تي سلام پيش ??يو ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر گهرڀاتين سان همدردي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.