اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪا?? انجنيئر امير مقام چيو آهي ت?? 80 ??ک ڪشميرين تي قابض ڀارتي فوج والاريل علائقي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ??ڏيو آهي. 27 آڪٽوبر ت?? والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي تسلط خلاف ڪاري ??ينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال پهرين انهي ڏينهن ظالم ڀارتي سيڪيورٽي فورسز غيرقانوني طور تي ڄمون ڪشمير ۾ لٿي. انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشميري پنهنجي ئي گهرن ۾ قيدي بڻجي ويا. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ڀارت جو غي?? انساني فوجي گهيراءَ ۽ وحشياڻو ڏاڍ ۽ ڪشميرين کي اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ڪر?? والاريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. انجنيئر امير مقام عالمي برادري تي زور ڀريو ته والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ڪشميرين ثابت ڪري ??ڏيو ته ڀارت طاقت جي وحشياڻي استعمال سان انهن جي عزم کي ٽوڙي نٿو سگهي. هن آزاد?? واري جدوجهد جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو.