اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، سوشل ميڊيا جون بااثر شخصيتون ڪينسر جي وقت سر تشخيص جي لا??ِ باقاعدگي سان جسماني معائنو ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جي حوالي سان سوشل ميڊيا جي بااثر شخصيتن سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته سوشل ميڊيا آگاهي پيدا ڪري بريسٽ ڪينسر جي ڪري موت جي شرح گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شروعاتي مرحلي ۾ تشخيص سان 99 سيڪڙو مريض?? کي بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جا واقعا ٻين خطن جي ڀيٽ ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي سمورن مريض?? کي ڪلينڪل اسڪريننگ جي سهولت فراهم ڪرڻ جا وسيلا نه آهن. هن چيو ته عورتون باقاعدگي سان پنهنجو جسماني معائنو ڪن، سيني يا ان جي ڀرپاسي ۾ گلٽي جي صورت ۾ فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صحتمند طرز زندگي اختيار ڪري بريسٽ ڪينسر جي واقع?? کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، بريسٽ ڪينسر کان بچڻ جي لا??ِ ڀاڄين ۽ ميون سميت متوازن غذا جو استعمال ڪرڻ گهرجي، سگريٽ يا شراب نوشي ۽ ٻي منشيات کان پرهيز ڪن، باقاعدگي سان ورزش ڪن. صدر چيو ته عورت?? کي مالي ۽ اقتصادي لحاظ کان بااختيار بڻائڻ، معاشري ۽ عوامي جاي?? کي محفوظ بڻائڻ جي ضرورت آهي، هراسگي ??ان پاڪ ماحول عورت?? کي ملڪي سماجي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته سوشل ميڊيا جون بااثر شخصيتون ننڍن شهرن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي ڦهلائڻ جي لا??ِ تخليقي ذريعا استعمال ڪن، اسلامي تعليم موجب عورتون پنهنجي ٻار?? کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن تائي?? کير پيارين، صحت جي عالمي اداري موجب شروعاتي 6 مهينن دوران ٻار?? کي پاڻي يا ٻي خوراڪ تائين نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ذهني ۽ جسماني ڪمزوري کان بچاءُ جي لا??ِ پهرين هزار ڏينهن دوران ماءُ ۽ ٻار جي لا??ِ مناسب غذائيت ضروري آهي، پاڪستان ۾ ٻارن ۾ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري جو تناسب اٽڪل 40 سيڪڙو آهي. صدر چيو ته سوشل ميڊيا بيگم ثمينه علوي جي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ڪوششن جو ساٿ ڏي، بيگم ثمينه علوي جي ڪوششن سان شروعاتي مرحلن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز جي رپورٽنگ جي شرح ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جلد تشخيص سان صحت جي نظام تي بار گهٽ پوندو، مهانگي علاج کان بچڻ ۾ مدد ملندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي پڻ سوشل ميڊيا جي بااثر شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي واقعن تي ضابطو آڻڻ ۽ گهٽ ڪرڻ جو واحد طريقو جلد تشخيص آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ حصيدار بڻجڻ جي لا??ِ وزيراعظم، ايم اين ايز، ايم پي ايز، ميڊيا ۽ سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس کي خط لکيا آهن. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لا??ِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.