اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا جي فٽبال گرائونڊ ۾ بدنظمي ج?? نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ج??هن ۾ اٽڪل 125 ماڻهو فوت ۽ 323 زخمي ٿيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته هو ان سانحي تي تمام گهڻو ڏکويل آهي ۽ سوڳوار خاندانن، حڪومت ۽ انڊونيشيا جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن چ??و ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انڊونيشيا جي ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. هن الله تعاليٰ کان فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي صبر جميل عطا ڪرڻ ۽ زخمين جي ج??د ۽ مڪمل صحتيابي ج?? دعا ڪئي.