لاهور – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قائد ملت جعفريه پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ??ئي?? شڪني جون ڀارتي ڪارروايون گڏيل قومن جي قراردا??ن جي خلاف ورزي آهن. جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته طاقت ۽ ڏااڍ جي زور تي ڪنهن به قوم کي دٻائي نه ٿو سگهجي، ڀارت جو آرٽيڪل 370 جي خاتمي وارو قدم مذمت جوڳو آهي جنهن والاريل ڪشمير جي آ??ادي جو تناسب ??ئي??ي دهشتگردي سان بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح دنيا تي واضح لفظن ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي جنهن تي ڪو ٺاهه نه ٿو ڪري س??هجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت کي ڪشمير تي قبضو ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام کي آ??اداڻي راءِ استعمال ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي.