فيصل آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) مرڪزي علماءَ ڪائونسل پاڪستان ??ي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ تي ڀارتي قدمن تحت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو. ان موقعي تي سمورن شهرن ۾ احتجاجي تقريبون منعقد ڪيون وينديون ج?? جو مقصد نه رڳو ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ پر عالمي دنيا کي باور ڪرائڻ آهي ته ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مس??لي کي فوري حل ۽ اتي ڀاريت فوج جون غاصباڻيون ڪارروايون فوري روڪيون وڃن. ختم نبوت اسلامڪ ريسرچ سينٽر ويجهو جامع مسجد گول فيصل آباد ۾ عالمن جي وفد سان ملاقات ۾ مرڪزي عالم ڪائونسل پاڪستان ??ي چيئرمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي چيو ته هو نه رڳو 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي پرزور مذمت ڪريون ٿا پر عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪشمير جي مس??لي کي انساني ۽ عالمي حقن جي ڏس ۾ ڏسي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي غيرتمند ڪشميري?? جو حريت جو جذبو ختم ڪرڻ جي لاءِ هر حربو استعمال ڪري ورتو پر اهي انهن جي آزادي جو جذبو ۽ شوق شهادت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ڪري سگهيا. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جون بدترين پائماليون ۽ خلاف ورزيون ڪيون پيون وڃن پر دنيا جون سموريون ننڍيون وڏيون طاقتون ان ??ي خاموش آهن جيڪو انتهائي مذمت جوڳو فعل آهي.