اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرد??ري کي آمريڪي پرڏيه?? وزير انٿوني بلنڪن ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب پرڏيه?? وزير پنهنجي آمريڪي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سفارتي لاڳا??ن جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو. هن چيو ته اعليٰ سطح جي دو??ن جي لاڳيتي مٽاسٽا جا منتظر آهيون. هن پاڪستاني شهرين جي لاءِ ويزا ج??ري ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي درخواست ڪئي. پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرد??ري آمريڪا جي خصوصي نمائندي دلاور سيد جي پاڪستان جي ج??ري دوري کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا واپ??ري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ توانائي، صحت، سلامتي ۽ اقتصادي ترقي ۾ گڏيل تعاون کي ورجايو. هن انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طالبان حڪومت سان مسلسل رابطي جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.