گلگت – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي اسڪردو گرلز هاءِ اسڪول قائد آباد ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن جي لاءِ ٽرانسپورٽيشن وظيفي جي فر??همي جي لاءِ شروع ڪيل منصوبي جو باقاعده افتتاح ڪيو. ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ رقم جا چيڪس ورهايا. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عار?? علوي خطاب ڪندي چيو ته گلگت بلتستان حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي درپيش سفري مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انقلابي منصوبو شروع ڪيو آهي. عملي زندگي ۾ ڪاميابي جي لاءِ صحيح فيصلاسازي لازمي آهي جيڪا تعليم کانسواءِ ممڪن نه ??هي، دنيا جي جديد تحقيق ثابت ڪيو آهي ته ٻارن جي تعليم پوري خاندان جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ۾ تعليم تي ڌيان نه ڏيڻ ۽ وسيلا فر??هم نه ڪرڻ جا تمام گهڻا نقصان ٿيا آهن، مون کي اميد آهي ته گلگت بلتستان حڪومت ڪجهه سالن ۾ هر ٻار جي تعليم کي يقيني بڻائيندي. اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم سان گڏ تربيت تي به ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن پوري دنيا ۾ گلگتبلتستان ۽ پاڪستان جو منفرد مقام برقرار رهي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عار?? علوي صوبائي حڪومت جي فيصلي موجب گرلز هاءِ اسڪول قائد آباد کي هايئر سيڪنڊري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد ان موقعي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ درپيش سفري مشڪلاتن جي حل لاءِ ٽرانسپورٽيشن وظيفي جو منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن تحت 2 ڪلو ميٽر پري کان اسڪول ايندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين کي اهو وظيفو ڏنو ويندو.