اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ملتان جي فائر ??ين جي بيواهه کي منافعي سان گڏ گ??وپ انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدا??ت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو آهي ته ملازم جون 2016ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، بيواهه کي انشورنس جي انتظار ۾ 6 سال ٿي ويا رقم ناهي ملي، تڪليف ۽ اذيت کانسواءِ وقت سان گڏ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي ويندي، صدر وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي حڪم ڏنو آهي ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان بيواهه کي منافعي سان گڏ انشورنس جي رقم ادا ڪري، صدر وفاقي محتسب جي في??لي خلاف اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر چيو ته 12 مارچ 2008ع تي لوڪل گورنمينٽ ۽ اسٽيٽ لائيف جي وچ ۾ گروپ انشورنس جو معاهدو ٿيو هو، پنجاب حڪومت جو 60 سال کان گهٽ عمر هر ملازم پريميم جي ادائيگي سان مشروط بيمه شده آهي، فوتي فائر ??ين سروس دوران پنهنجي بينادي پي اسڪل موجب مهينو پريميم به ادا ڪيو، بيواهه جي دعويٰ جي حق ۾ سڀئي گهربل دستاويز به موجود آهن، جڏهن ته وفاقي محتسب جي في??لي خلاف في??لي لاءِ ڪو ٺوس سبب موجود نه آهي، شڪا??ت ڪندڙ کي گروپ انشورنس معاهدي موجب انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ انشورنس ڪمپني جي ذميداري آهي.