اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم اڄ اڱاري ڏينهن ڪاروباري برادري سان بجيٽ تي مشاورت جي حوالي سان پري بجيٽ سيمينار کي اهم خطاب ڪندو. پنه??جي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنه??جي ويزن جي تعبير جي لاءِ پري بجيٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت ??ڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿ??ي، ه?? پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر خطه ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿ??ي، شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر اچن، انهن کي زندگي جي تلخين مان ڇوٽڪارو ملي ۽ هڪ بهتر زندگي ملي. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان کي درپيش معاشي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري قدمن تي خيان جي ڏي وٺ ڪندو. وزيراعظم مالي سال 23 – 2022ع جي بجيٽ لاءِ تجويزون حاصل ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانا??ي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن جي ڪاروباري شخصيتن سان چارٽر آف اڪانومي جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وزيراعظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويز وٺندو ۽ انهن کي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو.