گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مُهاڻن جي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي، گوادر جي شهرين کي آسان شرطن تي سولر پينل فراهم ڪنداسين، بئنڪن ک??ن قرض حاصل ڪرڻ ۾ به آساني پيدا ڪئي ويندي، غيرقانوني ٽرالنگ جي خلاف سخت ايڪشن کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مُهاڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مُهاڻن جي ترقي اولين ترجيح آهي، مُهاڻن جي خوشحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن چيو ته هر گهر ۾ بجلي جي فراهمي ضروري آهي، گوادر ۾ مُهاڻن جي لاءِ چين 3200 سولر پينل فراهم ڪندو. ??زي??اعظم چيو ته سولر پينل بئنڪن ذريعي آسان شرطن تي مُهاڻن کي فراهم ڪيا ويندا، مُهاڻن جيترو بجلي جو بل ادا ڪري ٿو ان ک??ن گهٽ سولر پينل جي قسط ادا ڪري بجلي جي سهولت مان فائدو کڻندو، جڏهن سولر پينل جي قيمت مڪمل ادا ٿي ويندي ته مُهاڻن کي مفت بجلي ملندي. هن چيو ته مختلف جاين تي سولر پارڪس قائم ڪيا ويندا جنهن جي ڪري ماهگيرن کي نيشنل گرڊ بدران سڌوسنئون بجلي ملندي. هن چيو ته ماهيگيرن کي مرحليوار ٻيڙين جون انجڻيون فراهم ڪيون وينديون، پهرين مرحلي ۾ 2 هزار ماهيگيرن کي شفاف طريقي سان ڪُڻن ذريعي انجڻيون فراهم ڪيو وينديون، بلوچستان جي وڏي ??زي?? ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير ا??سن اقبال جي سربراهي ۾ انتظاميا جي تعاون سان اهي انجڻيون جلد فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته غيرقانوني ٽرالنگ روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. ??زي??اعظم چيو ته هو جون جي آخر ۾ ٻيهر گوادر جو دورو ڪندو ۽ ماهيگيرن جا مسئلا انهن جي زباني تفصيل سان ٻڌندو، انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو ??زي?? عبدالقدوس بزنجو ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير ا??سن اقبال پڻ موجود هئا.