اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايوان صدر ڪشمير معاملن واري وزارت سان رابطي ۽ مشاورت کانپوءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين سي??سي نمائندن کي دعوت ڏيندو، اجلاس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بي گناهه مسلمانن جي خلاف ??ار??ي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بين موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير صدر کان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت لاءِ مناسب بجيٽ مختص ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڪشميري پناهگيرن جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي مناسب بجيٽ مختص ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ??ار?? جي نيشنل انويسٽي گيشن ايجنسي جي خصوصي عدالت پا??ان حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي غير قانوني ۽ سي??سي بنيادن تي عمر قيد جي سزا جي سخت م??مت ڪئي، هن انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو ??ار??ي سيڪيورٽي فورسز پا??ان والاريل ڪشمير جي مسلمانن ۽ ??ار?? جي ٻين اقليتن جي خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن.