اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ڀارت کان ايندڙ ”سپر سونڪ فلائنگ آبجيڪٽ“ جي ??اڪستاني فضائي حدن جي ??روڀرو خلاف ورزي تي شديد احتجاج ڪيو ويو، فلائنگ آبجيڪٽ 9 مارچ تي پاڪستاني وقت موجب 6 لڳي 43 منٽن تي ڀارتي علائقي ”سورت ڳڙهه“ کان پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو ۽ تقريبن 6 لڳي 50 منٽن تي پاڪستان ۾ ميان چنو شهر جي ??يجهو زمين تي ڪريو، جنهن سان شهري ملڪيتن کي نقصان پهتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڀارتي سفارتڪار کي آگاهه ڪيو ويو ته فلائنگ آبجيڪٽ سان نه رڳو شهري ملڪيتن کي نقصان پهتو پر ان زمين تي انساني جانين کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو، ان کانسواءِ فلائنگ آبجيڪٽ پاڪستاني فصائي حدن ۾ ڪيترن ئي ملڪي ۽ عالمي اڏامن لاءِ به سنگين خطري جو باعث بڻيو آهي، ان جي ??تيجي ۾ هوابازي جي سنگين حادثي سان گڏوگڏ شهري فوتگيون به ٿي سگهيون پئي، ڀارتي ناظم الامور کي ٻڌايو ويو ته هو ڀارتي حڪومت کي پاڪستاني فضائي حدن جي ان کلي خلاف ورزي جي سخت مذمت کان آگاهه ڪري جيڪا عالمي اصولن ۽ ايوي ايشن سيفٽي پروٽوڪول جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته ان طرح جا غير ذميداڻا واقعا فضائي سيفٽي کي نظر انداز ڪرڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرن ۾ وجهڻ بابت ڀارتي روين جا به عڪاس آهن. پاڪستان ان واقعي جي ??ڪمل ۽ شفاف تحقيقات ۽ ان جا نتي??ا پاڪستان سان شيئر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڀارتي حڪومت کي خبردار ڪيو وڃي ٿو ته هو ان طرح جي غفلت جي ??اخوشگوار نتيجن کي ذهن ۾ رکي ۽ مستقبل ۾ اهڙين خلاف ورزين کان بچڻ لاءِ موثر قدم کڻي.