اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان جي علائقن پنجگور ۽ نوشڪي ۾ فوجي ڪيمپن تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي، مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر جواب ۾ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن ک?? ناڪام بڻايو ويو، دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون ايئن ئي ناڪام بڻائيندا رهنداسين، فرخ حبيب چيو ته هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل طور تي الرٽ آه??، سڄي قوم ملڪ جي حفاظت د??را?? جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن ک?? سلام پيش ڪري رهي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته دهشتگردي جي هڪ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ??ي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيان