اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محم?? صادق سنجراڻي م??حد?? عرب امارات جي 50 هين سالگرهه تي ان جي قيادت ۽ عوام کي پاڪستان جي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته متحد?? عرب امارات جي سياسي قيادت اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي جون مثالي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان يو اي اي جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته خطي جي ترقي م??اشي خوشحالي ۽ امن جو فروغ اسان جو گڏيل ويزن آهي. پاڪستان ۽ متحد?? عرب امارات جا ڀائراڻا لاڳاپا ڊگهي م??ي واري تعاون تي ٻڌل آهن. ڀائيچاري ۽ اعتماد جو رشتو گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي رابطن جي ڪري وڌيڪ مستحق ٿي رهيو آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته عالمي فورمن تي م??الي تعاون پاڪستان ۽ متحد?? عرب امارات جي وچ ۾ اعتماد ۽ احترام کي ظاهر ڪري ٿو. اسان کي انهن لاڳاپن ۽ ڀائيچاري جي فضا کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ ۽ واپاري سرگرمين کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، محم?? صادق سنجراڻي چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري چرپر جي ذريعي ٻنهي طرفن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ متحد?? عرب امارات جي دوستي وقت جي هر امتحان تي پوري لٿي، متحد?? عرب امارات ۽ پاڪستان جي لاءِ نئين ڪاميابين ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان – متحد?? عرب امارات دوستي زنده باد.