اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مختلف عالمي مالياتي ادارن وانگر ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڀرائي خوش آئنده آهي، اي ڊي پي، سماجي تحفظ، اداره جاتي سڌارن سان معاشي گروٿ، پاڪستان ۾ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ مينيوفيڪچرنگ شعبي جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري جي تصديق ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئِيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته اي ڊي پي ڪورونا وائرس جي حملن دور??ن پاڪستان جي ڪامياب حڪمت عملي جو اعتراف ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جي مخالف ڌر شروع ئي پورو ملڪ بند ڪرڻ جو چوندي رهي پر وزيراعظم عمران خان ڏهاڙيدار طبقي جي مفاد ۽ معيشت جو ڦيٿو روان دوان ر??ڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪند?? زندگين ۽ روزگار کي محفوظ بڻايو