ڪراچي – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تي نوجوان نسل ۾ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ان ڏس ۾ والدين ۽ استادن جو ڪردار اهم آه??. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول ڪراچي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي قيادت اسڪول جي پرنسپل سينيئر الزبيٿ نيامت ڪئي. ??شن??ي اسڪولن جي 1862ع کان خدمتن ۽ ڪاميابين کي ساراهيندي صدر چيو ته سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول ڪراچي جي عمارت جنهن کي قومي ورثو قر??ر ڏنو ويو آه??، کي محفوظ ڪيو ويندو. صدر چيو ته ڪورونا وبا اسان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آه?? پر ان ڪجهه موقعا به پيدا ڪيا، ڇو ته ان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪشن جي ج??يد ٽولز کي استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو جنهن سان تعليمي شعبي ۾ آن لائن ڪلاسن جي راهه هموار ٿي. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ڪاليج انتظاميا تي زور ڏنو ته اهي نوجوان ڇوڪرين ۾ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي پروگرام منعقد ڪن.