ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي معاملن تي گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيو ويو. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز م??جب اجلاس ۾ ڪي فور ۽ ٽي پي فور پراجيڪٽس بابت تفصيلي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، ايم پي اي حليم عادل شِخ، ايم پي اي فردوس شميم نقوي ۽ حبڪو جي ماهرن جي 5 رڪني ٽيم اجلاس ۾ شريڪ ٿي، صدر ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جهڙا امڪان ڳولڻ جي هدايت ڪئي، ان ڏس ۾ پاڻي جي پائيدار حل لاءِ ماهرن تي ٻڌل هڪ ٽيم به جوڙي وئي جنهن جي رپورٽ ۽ عملي ??فارشن تي عملدرآمد جون به هدايتون ڏنيون، هن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندا هجڻ جي ناطي اسان جي ذميداري آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪريون، ماهرن جي ٽيم پاڻي جي دستياب وسيل??، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي اسڪيمن جي حوالي ??ان به آگاهي فراهم ڪئي.