مري – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته سياحت پاڪستان جو مستقبل آهي، صحت ۽ تعليم عوام جي سڀ کان وڏي ضرورت هوندي آهي، مري وانگر ٻين علائقن ۾ سياحتي مقام بنائينداسين، سياحت جي فروغ سا?? روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي سا?? وڌيڪ سيڙپڪاري حاصل ڪري سگهون ٿا، سياحت جي آمدني مان اسان پنهنجا قرض لاهي سگهون ٿا، مديني جي رياست جا اصول اختيار ڪرڻ سا?? غير مسلم به اڳتي نڪري ويا. هو مري ۾ ڪوهسار يونيورسٽي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جي وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ قومي اسيمبلي ميمبر صداقت عباسي به خطاب ڪيو. وزيراعظم چي?? ته صداقت عباسي جي تقرير مان ان جي جذبن جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ سندس جذبن جي سمجهه اچي ٿي ته جڏهن پوئتي پيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا هجن، وڏي وزير کي به ان تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چي?? ته ماضي ۾ حڪمرانن پنجاب هائوس جي مرمت ۽ رنگ روغن تي 83 ارب روپيا خرچ ڪيا، اهو هڪ خاندان جي لاءِ هو، هاڻي اهو عوام جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، هن چي?? ته ايتري وڏي آبادي تي مشتمل علائقو آهي جتي ڪا به اسپتال نه آهي، صرف نٿياگلي ۾ هڪ اسپتال آهي، جيڪا هتي جي آبادي ۽ سياحن جي ضرورت پورري نٿي ڪري سگهي، هن چي?? ته هاڻي هتي 380 ڪينال تي جنرل اسپتال ٺهندي، ان سوچ تي پنجاب حڪومت ۽ صداقت عباسي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چي?? ته عوام جي سڀ کان وڏي خواهش اها هوندي آهي ته انهن جي صحت ۽ تعليم جو خيال رکيو وڃي، جيڪڏهن تعليم وڌيڪ ۽ هنرمند ماڻهو وڌيڪ هجن ته وڌيڪ آمدني ??ين??ي، اها انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي، نوجوان ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 6 مهينن جو ڪورس ڪري بهتر ڪمائي ڪري سگهن ٿا، وزيراعظم چي?? ته ڪوهسار يونيورسٽي سياحت جو مستقبل آهي، ان سا?? سياحت کي فروغ ملندو، جيڪا قوم اڳتي جو سوچيندي آهي اها عظيم قوم بڻجندي آهي، مڪه ۾ قيدين کي قيد کان آزادي 10 مسلمانن کي تعليم ڏيڻ سا?? مشروط ڪئي وئي ان سا?? تعليم جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، وزيراعظم چي?? ته تعليم کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، مون پورو پاڪستان ڏٺو آهي، دنيا ڏٺي آهي جيڪي نعمتون الله پاڪ پاڪستان کي ڏنيون آهن انهن جو جيترو ٿورو ادا ڪيون اهو گهٽ آهي، جيڪڏهن اسان صرف سياحت تي ڌيان ڏيون ته ايتري آمدني ٿي سگهي ٿي ته اسان پنهنجا قرض لاهي سگهون ٿا، اسان پنهنجو روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو وڌيڪ ڪمائي سگهون ٿا.