اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) بلوچستان ۾ وفاقي ادارن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ وز??راعظم کي پيش ڪئي وئي آهي ۽ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن کي اجلاسن ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي تنبيهه ڪئي وئي آهي ??ه عوامي ڀلائي بابت اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب بلوچستان ۾ 17 وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن جي ڊيش بورڊز جو جائزو ورتو ويو، صوبي ۾ وفاقي ادارن کي 11000 کان وڌيڪ شڪايتون مليون، 90 سيڪڙو حل، عوام پاران 37 سيڪڙو اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، بلوچستان ۾ سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن جي حل ۽ وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. بلوچستان جي گورنر وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ موڪلي ۽ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي، بلوچستان جي گورنر جي شڪايت تي وز??راعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، وز??راعظم ڊيليوري يونٽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن کي خط جاري ڪيو آهي. صوبي ۾ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن کي اجلاسن ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ خبردار ڪيو ويو آهي ??ه عوامي ڀلائي بابت اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.