اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت توانائي خاص طور تي بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل ج?? جلد تڪميل يقيني بڻائيندي عوام کي سستي ۽ بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ا??تعمال ۾ آڻيندي. هو هتي عوام کي سستي ۽ بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي جي حوالي سان جاري سڌارن جي عمل جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعا?? ۽ ??شريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وزير اسد عمر، توانائي وارو وزير عمر ايوب، خاص مددگار نديم بابر ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا.