اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ بنا ڪنهن منصوبابندي جي آبادي جي پکيڙ جي مسئلي جي حل ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي ترجيحي بنيادن تي فراهمي جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ??فاقي گادي واري شهر کي ماڊل سٽي بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٽرانسپورٽ، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ منصوبابندي وارو وزير اسد ع??ر، گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر، خا?? مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، خا?? مددگار علي نواز اعواڻ، ايم اين اي را??ا خرم شهزاد، سي ڊي اي چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هُئا.