اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ترجيح ڪاروباري سرگرمين جو فروغ ۽ انهن کي ممڪن حد تائين مراعتون ڏيڻ سان گڏوگڏ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ڪاروبار جي لاءِ موافق فضا ميسر ڪرڻ آهي، ڪاروبار سان جڙيل نوجوانن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪامياب ??اروباري شخصيتن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، واپار وا??و صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وا??و صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، اداره جاتي سڌارن وا??و صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري به شريڪ هو.