اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي ??زير ڊاڪٽر بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته ??انون ۽ انصاف واري وزارت گذريل 20 مهينن دوران 60649 مان اٽڪل 99 سيڪڙو ڪيس اڪلايا آهن. عوامي مفاد ۾ قانون سازي تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون. وزارت گذريل ڏينهن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري هنگامي بنيا??ن تي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ خلاف آرڊيننس بڻايا ته جيئن ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال ?? عاوم لاءِ آسانيون پيدا ڪري سگهجن. ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف آرڊيننس تي عمل درآمد شروع ٿي چڪو آهي. انسداد اسمگلنگ آرڊيننس اڱاري تائين جاري ڪيو ويندو. صنعتن ۽ اوورسيز پاڪستانين بابت قانون سازي تي مشاورت جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قانون ۽انصاف بابت پارلياماني سيڪريٽري بيرسٽر مليڪه بخاري ۽ قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري مشيع الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.