اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ترڪيه جي ايئر لائن پيگاسس ۽ ڪاروباري اداري هٽ اِٽ جي چيئرپرسن نور گوڪمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي دلچسپيءَ جي گڏيل معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻا، دوستاڻا، تاريخي ناتا ۽ گهرا رابطا آهن، ٻنهي ملڪن جو عوام هڪٻئي سان دلي رشتن ۾ ٻَڌل آهي. هن چيو ته اسان ترڪيه سان واپاري ڳاڻيٽي ۾ واڌ ۽ ٻه طرفي ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هٽ اِٽ ۽ پيگاسس جي چيئرپرسن پ??ڪس??ان ۾ مواصلات ۽ شهري هوابازي جي معاملن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته ترڪيه پ??ڪس??ان سان بزنس ٽو بزنس سرگرمين ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته هٽ اِٽ ڪمپني 70 وڏين ايئر لائنز سان مارڪيٽ شيئر ??کي ٿي ۽ اسان جي ڪمپني پي آءِ اي جي سڀ کان وڏي پارٽنر ۽ دنيا ۾ هوابازي جي شعبي ۾ ٽين وڏي ڪمپني آهي. وفاقي وزير هٽ اِٽ طرفان پ??ڪس??ان ۾ بزنس ۾ دلچسپيءَ جي آجيان ڪندي چيو ته پ??ڪس??ان مواصلات جي شعبي ۾ وڏي پيماني تي هاڪاري تبديليون آڻي رهيو آهي، پرڏيهي ڪاروباري ادارن جي پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري لاءِ مڪمل همٿ افزائي ڪنداسين. وفاقي وزير چيئرپرسن لاءِ پ??ڪس??ان ۽ پ??ڪس??اني عوام پاران خير س??الي جي جذبن جو به اظهار ڪيو. ملاقات ۾ هٽ اِٽ جي چيف آفيسر اطيله ليزي ۽ پ??ڪس??ان لاءِ ڪوآرڊينيٽر آسي غامزي به ملاقات جي موقعي تي موجود هئا.