قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي( ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي ٻطرفي واپار، معيش??، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن جي حوالي سان پاڪ ايران ڀائراڻي لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اسرائيل جي هٿان بيگناهه فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ?? مظلوم فلسطينين جي لاءِ آواز بلند رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ??زي??اعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي اسرندڙ ملڪن (ڊي – 8) جي 11هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٻطرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته ڊي – 8 سربراهي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن سان ميمبر ملڪن جي وچ ۾ شعبن ۾ گڏيل طور تي فائديمند تعاون وڌڻ جون راهون کلنديون. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي ٻطرفي واپار، معيش??، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن جي حوالي سان پاڪ ايران ڀائراڻي لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ موجود اداراجاتي حڪمت عملي جي ذريعي نئين شعبن جي نشاندهي ڪري ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ وسيع صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ تي زور ڏنو. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سرحدي علائقن جي ترقي ۽ اتان جي ماڻهن جي روزگار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بارڊر مارڪيٽ?? کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو جن مان ڪجهه جو اڳ ۾ ئي افتتاح ٿي چڪو آهي جڏهن ته ڪجهه تي ڪم جاري آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مسئلن تي فراهم ڪئي ويندڙ حمايت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اسرائيل جي هٿان بيگناهه فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ?? مظلوم فلسطينين جي لاءِ آواز بلند رکڻ تي اتفاق ڪيو. ??زي??اعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان فلسطين، لبنان ۽ شام سان تعلق رکندڙ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار جاري رکندو. ??زي??اعظم ملاقات ۾ ايران جي سپريم ليڊر جي لاءِ پنهنجي مبارڪباد وارو پيغام پڻ ڏنو. ??زي??اعظم برڪس جو ميمبر بڻجڻ تي ايرا?? کي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ پاڪستان جي برڪس ۾ ميمبرشپ جي لاءِ ايران جي حمايت جي درخواست ڪئي. هن صدر مسعود پزشڪيا?? کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.